اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ڪالهه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراس?? ۾ ??يدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا 2008ع جي قو??صلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراس?? ۾ ??يدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 231 ڀارتي قيدين (47 سويلين قيدي ۽ 184 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي فهرست پاڪستاني هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ 418 پاڪستاني (337 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) قيد آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ جن جي قو??ي حيثيت جي تصديق ٿي آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قو??صلر پهچ ڏيڻ ۽ 77 سول قيدين تائين خصوصي قو??صلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.