اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ا??ار?? جي بدانتظامي جي خلاف تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جي ڪردار کان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن جي شڪايتن کي انهن جي درن تي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب جي صلاحيت وڌائيندي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين ان جي پهچ کي سگهه ڏني وڃي، سرڪاري اهلڪارن جي هٿان زيادتين ۽ ناانصافي جو شڪار ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب پاڪستان اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ا??ار?? جي سالياني رپورٽ 2022ع پيش ڪئي. اعجاز احمد قريشي صدر کي سال 2022ع جي دوران سرڪاري ا??ار?? جي بدانتظامي جي خلاف ماڻهن کي انصاف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جي ڪردار ۽ ڪاميابين بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ????ار?? کي 2021ع ۾ 110398 شڪايتن جي مقابلي ۾ 2022ع ۾ 164174 شڪايتون مليون. وفاقي محتسب 2021ع ۾ 106732 شڪايتن جي مقابلي ۾ 2022ع ۾ 157770 شڪايتن جو ازالو ڪيو جيڪي 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ??ڪايتن جي انگ ۾ غيرمعمولي اضافي ۽ ڪيسن کي تيزي سان اڪلائڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهو محتسب جي ا??ار?? تي ڀروسو ڪن ٿا، جيڪ?? انهن کي فوري ۽ سست?? انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. وفاقي محتسب ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پرڏيهي پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پاڪستان جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو فيسيلي ٽيشن ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 2022ع دوران حڪومت جي لاڳاپيل ا??ار?? بشمول نادرا، پاسپورٽ آفيس، او پي ايف وغيره پاران 137647 سمنڊ پار پاڪستانين ??ي سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته وفاقي محتسب ڏورانهن علائقن ۾ شڪايت ڪندڙن کي انهن جي درن تي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص، خضدار ۽ سوات سان گڏوگڏ اڳوڻي قبائلي علائقن ڪرم ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آفيسون قائم ڪيون آهن. وفاقي محتسب صدر کي تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ کليل ڪچهري بابت پنهنجي خصوصي قدمن کان آگاهه ڪيو ته ??يئن عام ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ??ڏهن شڪايت ڪندڙن جي درخواست تي آن لائين شڪايتون ٻڌڻ جو اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آن لائين شڪايتن جي وصولي ۾ 97 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته محتسب جو ا??ار?? پنهنجي پهچ ۽ صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو پر ان ڏس ۾ مالي مشڪلاتون درپيش آهن. وفاقي محتسب صدر کي اهو به ٻڌايو ته ??نٽيگريٽڊ ڪمپلينٽ ريزولوشن (آءِ سي آر) سسٽم تحت محتسب شڪايتن کي فوري اڪلائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي 183 مختلف ا??ار?? کي ڳنڍيو آهي. صدر عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي محتسب کي چيو ته هو جديد آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪندي پنهنجي پهچ ۾ اضافو ڪري ۽ ميڊيا جي ذريعي ان جي فعال ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪري. صدر خدمتن جي فراهمي ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ محتسب جي بهترين ??ارڪردگي کي ساراهيو. هن وفاقي محتسب جي ا??ار?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انتظامي احتساب جي هڪ اهم ا??ار?? طور ان جي رتبي کي وڌائڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ??ياريو.