اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 90 لک اوورسيز پاڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪندا آهن، اوورسيز پاڪستانيز اسان جو اثاثو آهن، اوورسيز پاڪستانيز ساليانو 30 ارب ڊالر پاڪستان موڪلي رهيا آهن، مريم صفدر اليڪشن ڪميشن اچي ثابت ڪر?? ڇڏيو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فا??ن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فا??ن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي. اهڙن خ??الن جو اظهار ممل??تي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته اوورسيز پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر موڪلي رهيا آهن، ن ليگ دور ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 18 ارب ڊالر هو، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پي ٽي آءِ فا??ن فنڊنگ ڪئي آهي، اسان جا پيڊ ميمبر ساليان?? جي بنياد تي ميمبرشپ ادا ڪندا آهن، اسان کي فا??ن فنڊنگ ڪندڙ ماڻهو اڄ منهنجي چوڌاري بيٺل آهن، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺڻ جا طعنا ڏيندڙ ڏسي وٺن ته اسان کي ڪهڙا ڪهڙا پاڪستاني فنڊنگ ڏيندا آهن، مريم، بلاول، زرداري، شهباز شريف سميت ڪنهن کي انهن فا??ن فنڊنگ ڪندڙن سان ملڻو آهي ته اچي وڃن، ممل??تي وزير چيو ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، ثابت ٿي ويو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، اڄ مريم صفدر پاڻ، اڪبر ايس بابر جي ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آيل آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فا??ن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، فرخ حبيب چيو ته مريم ٻڌائي ته 65 ڪر??ڙ ڪٿان آيا، مئل ماڻهن جا اڪائونٽس 2017ع تائين ڪير هلائيندو رهيو، گذريل ٽن مهينن کان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال تي هڪ اجلاس نه ٿي سگهيو، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، پيپلزپارٽي پنهنجي 12 ڳجهن اڪائونٽن جي باري ۾ ٻڌائي، فضل الرحمان ڪير ٿيندو آهي جيڪو ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪر??، فضل الرحمان ليبيا کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي، ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي مارڪ سيگل کي يو ايس اي ۾ ڇو ادائيگيون ڪندي رهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ڪي ۽ آمريڪا ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن، ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فا??ن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري فعال ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪر??، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر، فضل الرحمان، زرداري پنهنجي پارٽين جا کاتا کڻي اچن.