ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان مل??قا?? ۾ چئي. مل??قا?? دوران ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير ماسڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ون??ل جي غيرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ?? پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ون??ل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ مل??قا?? ۾ موجود هئا.