اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 20 فيبروري تي سبي ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن سيد حيدر عباس جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ جان جو نذ??انو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر ??ي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن سيد حيدر عباس جي وارثن سان ٽيليفونڪ ڳ??لهه ٻولهه ۾ شهيد جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ ص??ر جميل جي دعا ڪئي.