اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪن??لٽنگ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تيار ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون، يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ بگر پڪچر ڪن??لٽنگ جا نمائندا به موجود هئا. بگر پڪچر ڪن??لٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪن??ي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي سيزن هڪ سال ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سالن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين هڪ سال هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان تي سيريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪن??ي، بگر پڪچر ڪن??لٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تياري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪن??ي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سان گڏ وگڏ سيريل جي تياري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.