اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للا کان ج??لم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سا?? مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ، منصوبي جو پهريون فيز للا انٽرچينج کان پنڊ دادن خان ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ هلندڙ سا?? جون ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ پنجاب جي ت??قياتي بجيٽ ۾ منصوبي جي لاءِ فنڊز رکڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت لاهور جي دوري دوران پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ جي حوالي سا?? خصوصي اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم کي للا کان ج??لم ڊوئل ڪيرج وي منصوبي جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم للا کان ج??لم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سا?? مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منصوبي جو پهريون فيز انٽرچينج (ايم 2) کان پنڊ دادن خان (تعلقو پنڊ دادن خان) ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ (تعلقو جهلم) هلندڙ سا?? جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سا?? جاري آهي جيڪو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو ۽ منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ج?? ڪوششن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جا پنجاب جي ت??قياتي فنڊز ۾ للا کان ج??لم ڊوئل ڪيرج وي جي ت??مير لاءِ فنڊز رکڻ ۽ منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.