اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آه??گي لاءِ اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آه??گي جو زبرست قائل هو ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آه??گي ۽ کين برابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام بين المذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ يڪجهتي پاڪستان مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو. ڪانفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين جي سفير اندرولا ??يمونارا ۽ ٻين شخصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آه??گي جو درس ڏي?? ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن کي خلفائي راشدين به جاري رکيو، صدر چيو ته اسلام مذهبي منافرت کان سخت خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿ?? رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آه??گي لاءِ ڪرتار پور راهداري کي کوليو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم آه??گي ڪانفرنس کي خطاب ساڻس لاءِ اعزاز آهي، هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بين المذاهب هم آه??گي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر چيو ته دنيا کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پويان استحصال جو نظريو ڪارفرما آهي، انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، اسڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير علي محمد خان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مساوات ۽ بين المذاهب هم آه??گي تي يقين رکو?? ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بين المذاهب هم آه??گي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي، هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار آهي، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ مذهبي آزادي جو حامي هو ۽ وزيراعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جيڪو هڪ بهترين قدم آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين تحت پاڪستان جي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسلامي روايتون سدائين بين المذاهب هم آه??گي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين جي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آه??گي ۽ مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته بين المذاهب هم آه??گي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بين المذاهب هم آه??گي جي فروغ لاءِ ??ما??ان خدمتن تي مختلف شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ميڊرڊ، يورپي يونين، پاڪستان، ابوظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.