اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سمورا اهل وطن ۽ مسلمان امت مفڪر اسلام ۽ عظيم فلسفي شاعر ڊاڪٽر علامه محمد ا??بال کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي، اڄ جي ڏينهن اسان کي اقبال جي تعليم کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به سوچڻ گهرجي ته ??ن جيڪا ڪاميابي جي راهه اسان کي ڏيکاري ان تي اسان ڪيترو عمل ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد ا??بال جي 144 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. مملڪ??ي وزير چيو ته اڄ ڏين??ن جي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين. هن چيو ته علامه اقبال جي پيغام ۽ فلسفي کي سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن نه هئي. مملڪ??ي وزير چيو ته ڊاڪٽر علامه اقبال کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جو تصور پيش ڪرڻ تي سدائين ياد رکيو وي??دو. فرخ حبيب چيو ته علامه اقبال جي فرمانن سان اسان کي اسلام جو هقيقي پيغام سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي جي ڪري اسان اڄ هڪ آزاد ملڪ ۾ سڪون جو ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته آزادي هڪ تمام وڏي نعمت آهي، آزادي جي لاءِ ڏني وي??دڙ قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. مملڪ??ي وزير چيو ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ اهڙي وقت ۾ رستو ڏيکاريو جڏهن اهي منزل جو نشانو وڃائي چڪا هئا، علامه جي فڪر ۽ سوچ اميد جو اهڙو ڏيئو روشن ڪيو جنهن نه رڳو منزل پر رستي جي به نشاندهي ڪئي.