اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽ?? جنرل آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊيٽ?? جنرل اداري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ ميپ تيار ڪري. اهڙن خ??الن جو اظهار هن آڊيٽ?? جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب آڊيٽ?? جنرل جاويد جهانگير صدر کي اي جي پي آفيس جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اداري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني.