اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ??ري??ي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾مايوسي پکيڙي رهي آهي، ٻنهي جي ڪوڙ جو واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل رات مناظري ۾ شاهد خاقا?? عباسي جي اها ئي حالت هئي جيڪا ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي ه??ي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آ??ن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪوڙ جا ذرا ذرا ڪري ڇڏيا، هاريل ٽيم جي ٽ??پ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي.