اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پشاور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اڳوڻن حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺ??ر??يو جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. اسان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وزيراعظم عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر تي اثرائتي نموني ??ابطو آندو ويو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي م??اد سعيد چيو ته عمران خان کي م??دور ۽ ڏهاڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.