اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسٽ??ٽ بئنڪ جي گورنر غريب ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، نيشنل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، ميزان بئنڪ، حبيب ??ئنڪ، بئنڪ الحبيب ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سربراهن وزيراعظم کي نيا پاڪست??ن هائوسنگ پروگرام تحت قرضن جي فراهمي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قرضن کي ??اصل ڪرڻ جي عمل کي ??سان ترين بڻايو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ برانچن ۾ ڌار ڊيسڪ ٺاهيا ويا آهن، پرائيو??ٽ بئنڪس، اسلامي ۽ روايتي بئنڪاري ٻنهي تحت قرض فراهم ڪنداسين، بئڪن جي سربراهن حڪومت کي ??عميرات جي سيڪٽر جي فروغ ۽ غريب ??بقي کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي سهولت مهيا ڪرڻ تي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هنن وزيراعظم ۽ حڪومتي معاشي ٽيم کي ڪورونا وبا جي پيش نظر ڪاورباري طبقي سميت بئنڪن جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو، اجلاس کي ??گاهه ڪيو ويو ته قرضن جي فراهمي جي عمل کي گهٽ مدي وارو ٺاهڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن قرض وٺندڙ ماڻهو جي ڪاغذن جي تص??يق جلد ٿي سگهي.