اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم الخط آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزور) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بريل جي شروعات لو??ي بريل ڪئي هئي جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حادثي سبب پنهنجو نور وڃائي ويٺو هو، لو??ي بريل اها رسم الخط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ ??ي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لو??ي بريل ان رسم الخط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ ??روع ڪيو. لو??ي بريل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏينهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. بريل جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.