اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ??ائ??وار ۽ پاڪستاني روانگي واپار جي حوالي سان اهم ملڪ آهي.هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پاڪست??ن ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن ??اص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪست??ن ۽ آمريڪا وچ ۾ ??ائ??واريءَ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ??ائ??وار ۽ روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير ۽ سفير اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروباري رٿائن ۽ معاشي سهڪار جي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو عزم ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير آمريڪا ۾ رهندڙن پاڪستانين کي سيڙپڪاري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ في??لو ڪيو ويو ته آمريڪا ۾ موجود ??ائ??وارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رکيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي ترقي ڪندڙ م??يشت ۾ سيڙپڪاري جي همٿ افزائي ڪري سگهجي.