اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ??يئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ جده لاءِ نيون عالمي اُڏامون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُڏامن س??ن ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ کان پشاور لاءِ ٽين ه??تيوار اُڏام 25 جنوريءَ کان شيڊول جو حصو بڻجندي. پي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُڏامون 25 جنوريءَ کان بحال ڪر?? جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لاءِ نيون ه??تيوار ٻه اُڏامون 22 جنوريءَ کان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتيوار اُڏام 20 جنوري کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُڏام جي شروعات 21 جنوريءَ کان ٿيندي. فضائي آپريشن ۾ واڌو اُڏامون سيالڪوٽ کان جده لاءِ 20 جنوريءَ کان ه??ايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسائي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.