اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) هر پاڪستان شهري لاءِ 18 سال عمر مڪمل ٿيڻ تي 90 ڏينهن اندر قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لازمي آهي. نادرا آرڊ:ننس 2000ع جي سيڪشن (1)9 تحت 18 سال جي عمر کانپوءِ 90 ڏينهن اندر شناختي ڪارڊ لاءِ درخواست ڏيڻ ضروري آهي. وقت سر درخواست نه ڏيڻ تي نادرا آرڊيننس جي سيڪشن (اِي)30 موجب 6 مهينا قيد يا سخت پورهئي سان يا 50 هزار ??پين تائين ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون. نادرا عملدار?? موجب والدين ۽ سرپرستن کان گذارش آهي ته هو پنهنجن ٻارن جي 18 سالن جي عمر مڪمل ٿيڻ تي سن??س شناختي ڪارڊ بڻائين ته جيئن هو پاڪستاني شهري جي سمورن حقن مان فائدو کڻي سگهن. وڌيڪ ڄاڻ ۽ تازي اپ ڊيٽس لاءِ نادرا جي آفيشل ??وش?? ميڊيا پليٽ فارمز کي فالو ڪريو. نادرا عملدارن جو چوڻ آهي ته پنهنجي سُڃاڻپ کي يقيني بڻايو ۽ قومي ڪارڊ لاءِ وقت تي درخواست ڏيو.