لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي)سڄي دنيا سميت لاڙڪاڻي ۾ به ??ال??ه بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. تفص??ل مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پياري نياڻي، خاتون جنت، حضرت علي رضه جي گهرواري ۽ امام حسن ۽ امام حسين رضه جن جي والد?? ماجده بي بي فاطمة الزھراء رضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ شھر جي انجمن پنجتني کچي امام بارگاه ۽ امام بارگاه جعفريه سميت مختلف امام بارگاهن مسجدن ۾ ولادت باسعادت جو جشن ملھايو ويو. ڪيڪ ڪاٽيا ويا، عالم سڳورن ۽ ذاڪرين بي بي سيده فاطمة الزھراء رضه جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ لاڙڪاڻي جي مشھور قصيدہ خوانن سائڻ بي بي فاطمه الزهراء جي شان ۾ قصيدا چيا آخر ۾ علماء ڪرام پاڪستان ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ سلا??تي لاءِ دعا خير گھري وئي.