اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن ??اڪ??تان مليو، قائداعظم گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو جيڪو اتحاد، انصاف ?? مساوات تي گهرو يقين رکندو هو، ??اڪ??تاني جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قائداعظم محمدعلي جناح جي 148هين جن?? ڏڻ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان ??اڪ??تان جي باني جو 148هون جن?? ڏڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان جي غير معمولي بصيرت، پُختي اِرادي ۽ همت ۽ بي مثال عزم جي ياد تازي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان جو وطن ??اڪ??تان وجود ۾ آيو، قائداعظم نادر صلاحيتن جو مالڪ ۽ اتحاد، انصاف ?? مساوات تي پختو يقين رکندو هو. هن چيو ته سندس زندگي اڻ ڳڻ ماڻهن کي هڪ روشن خيال استاد، بصيرت رکندڙ وڪيل، اصولي ۽ ثابت قدم سياستدان ۽ ڪرشماتي اڳواڻ طور تي متاثر ڪندي آئي آهي. قائداعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ۽ محنت ۽ لڳن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ ڀيرو چيو هو ته ”ناڪامي مون لاءِ اڻڄاڻ لفظ آهي.“ پنهنجي لفظن مطابق هن پنهنجي عزم جي پيروي ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان لاءِ سندس حتمي مقصد جي حاصل ڪرڻ آڏو عنوانن ۽ تعريف جي حيثيت ثانوي آهي. هن چيو ته قائداعظم هڪ اهڙي ??اڪ??تان ج?? خواب ڏٺو جتي بنا ڪنهن فرق جي مذهب ۽ نسل هر شهري عزت، آزادي ?? مساوي جي موقعن سان زندگي بسر ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان لاءِ سندس ويزن شموليت، اتحاد ۽ خوشحالي جو هو. جڏهن اسان سندس سالگره جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو قائداعظم جي ميراث مان سبق حاصل ڪريون ۽ انهن قدرن لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن لاءِ قائداعظم جدوجهد ڪئي. ??اڪ??تاني طور اسان جو اهو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون.