اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي توانائي واري وزير دلبر جمعه جيڪو پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، ملاقات ڪئي. وزي??اع??م کيس پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي پاڪستان – تاجڪستان جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پنهنجي تاجڪستان جي دوري ۽ تاجڪ صدر امام علي رحمان سان رياض ۽ باڪو ۾ پنهنجي تازين ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م تاجڪ صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان جو صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وزي??اع??م پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. تاجڪستان جي وزير پاڪستان ۾ استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطي جا ٻيا منصوبي پڻ بحث هيٺ آيا. ڌرين مواصلات خاص طو?? تي زميني رابطن، توانائي، تعليم، ز??اع?? جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سيڙپڪاري ۽ مواصلات وار?? وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وار?? وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وار?? وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزي??اع??م جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??رڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.