اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اي?? ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منع??د ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هاڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروباري سرگرمين ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ اي?? ايڇ اي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ سيڙپڪاريءَ لاءِ اهم علائقن وچ ۾ رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي وڌيڪ بهتري سان معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتريءَ سان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته شاهراهن جي تعمير جا نوان منصوبا نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ انتهائي پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري سگهجي ٿو، ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اي?? ايڇ اي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اي?? ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اي?? ايڇ اي ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اي?? ايڇ اي قانوني طريقو ڳولي.