اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، مارڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن ??سم جي ڏکيائي کي منهن ??ه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ??اڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) لاءِ جاين جي نشاندهي ۽ چيني صنعتن جي پاڪستان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين سان جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين ماڊل صنعتي زونز لاءِ دستياب زمين جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. هن ??ڌيڪ چيو ته صنعتي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃي، احسن اقبال صنعتي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته صنعتي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن ??اضح ڪيو ته زونز جي تعمير ۽ سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته چيني ڪمپنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.