باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوپ 29 جي موقعي تي ”ڊيليورنگ ارلي وارننگز فار آل اينڊ ايڊرسنگ ايڪسٽريم هيٽ“ جي موضوع تي منعقد هڪ اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب موسم??ات?? تبديلي تي گڏيل قومن جو فريم ورڪ ڪنوينشن ڪوپ 29 باڪو آذربائيجان ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪندي 2022ع ۾ ارلي وارننگز فار آل قدم شروع ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ماحول??ات?? تبديلين جي غيرمتوقع ۽ شديد اثرن کان زندگين جي تحفظ ۽ ڪميونٽيز جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آبهوا سان پيدا ٿيندڙ خطرن بشمول ٻوڏ، برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ، سوڪهڙي ۽ شديد گرمي جي لاءِ شروعاتي آگاهي نظام جي اهميت تي زور ڏنو. هن گرين هائوس گئسن جي متوقع اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اهم قدمن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ گرين پاڪستان پراجيڪٽ، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وڏي پئماني تي مينگرو جي بحالي جو منصوبو ۽ وڏن شهرن ۾ بي آ?? ٽي ماس ٽرانزٽ سسٽم شامل آهي. نائب وزيراعظم ترقي يافته ملڪن کان به مطالبو ڪيو ته اهي اسرندڙ ملڪن جي آ??هوا جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پهچ جوڳي ۽ گرانٽ تي ٻڌل موسم??ات?? ??نا??سنگ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مال??ات?? واعدن جو احترام ڪن.