دوحه – 01 – ??ومبر (اي پي پي) قطر جي نمايان ڪاروباري شخصيتن و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان ۾ توانائي ۽ انفراسٽر??چر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن (ڪيو بي اي) جي وقد شيخ فيصل بن قاسم الثاني جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قطر جي اهم ڪاروباري شخصيتن جن ۾ المنا گروپ جي وائيس چيئرمين ۽ سي اي او سعود بن عم بن حمد المنا، منائي ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خالد احمد المنائي، چيئرمين ايم اي اين اي ۽ ڊوئچي بئنڪ جي چيف ڪنٽري افيسر صلاح محمد جيده، منصور جاسم الثاني گروپ جي چيئرمين شيخ منصور بن جاسم الثاني، بليو سيلون جي سي اي او نبيل ابو عيسيٰ ۽ ڊائريڪٽر سينڊين گروپ يوسف ابراهيم المحمود سميت معيشت جي اهم شعبن جا بااثر اڳواڻ شامل هئا. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي حص??داري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل هدفن جي نشاندهي تي زور ڏنو ويو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف قطر جي ڪاروباري اڳواڻن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي باضابطا دعوت ڏيندي پاڪستان جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش جڳهه جي حيثيت سان توانائي، انفراسٽر??چر ۽ ٻين اهم اقتصادي پراجيڪٽس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. وفد پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي خاص طور تي توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ايندڙ منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پاڪ قطر اقتصادي لاڳاپن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ امڪاني تعاون جو جائزو ورتو جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ روزگار جي تخليق ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. وفد و??ير??عظم جي دعوت جو مثبت جواب ڏيندي پاڪستان جي توانائي ۽ انفراسٽر??چر جي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم ۽ قطري وفد اقتصادي استحڪام ۽ ترقي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.