اسلام آب??د ?? 25 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۽ بن??ن ضلعي ۾ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي علائقي درازنده ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ بن??ن ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لا??ِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لا??ِ پرعزم آهيون، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.