اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس ??ي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23هون اجلاس ميمبر ملڪن وچ ۾ وسيع ڀ??ئي??اري جي عزم سان پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف روس جي وزيراعظم ميخ??ئي?? مشوستن کي ڪائونسل جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي پاڪستان طرفان ساڻس مڪمل تع??ون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ايس ??ي او سربراهن واري ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس 2025ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيندو. وزيراعظم ايس ??ي او سربراهي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي پڄاڻي واري تقرير ۾ چيو ته اجلاس ۾ ميمبر ملڪن پنهنجي ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ جٽادار مستقبل لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايس ??ي او جي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان طرفان مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيان ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي سيا??ي اختلافن کي مٿانهون رکندي گڏيل چئلين??ز کي حل ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏئي پنهنجي عوام جي گڏيل مفادن، ترقي ۽ استهڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه ۾ تازي جاري نسل ڪشي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. عالمي برادري کي بربريت روڪڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. غزه ۾ جارحيت هڪ الميو آهي، جنهن تي فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ جٽادار امن لاءِ آزاد فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آهي جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي بنياد هجن ۽ جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي دستاويزن تي صحيحيون ڪيون ويون جنهن ۾ گڏيل پڌرائي ۽ اقتصادي ۽ واپاري تع??ون کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي فيصلن سان گڏوگڏ ايس ??ي او جي مستقل ادارن جي محنت سان ڪم کي يقيني بڻائڻ بابت فيصلا شامل هئا. ان تقريب ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جن ۾ چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ، بيلاروس جي وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، ??ازقستان جي وزيراعظم اولزهاس بيڪوتينوو، روس جي وزيراعظم ميخ??ئي?? مشوستن، تاجڪ وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي وزيرن واري ڪابينه جي چيئرمين اڪيل بيڪ جاپاروف، ايران جي واپار واري وزير سيد محمد اتابيڪ ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شرڪت ڪئي. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور سربراهي اجلاس م شرڪت ڪئي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسراني ڪئي ۽ ترڪمانستان جي وزيرن واري ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد ميريدوف شريڪ هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين معززين ۾ ايس ??ي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس ??ي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرز??ئي??، بورڊ آف ايس ??ي او بزنس ڪائونسل جي چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس ??ي او انٽر بينڪ يونين جي چيئرمين مارات ييلي ب??ئي?? شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تع??ون تنظيم جي اجلاس جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي سمورن قومي ڪو آرڊينيٽرز، ماهرن ۽ ايس ??ي او سيڪريٽريٽ جي عملي سميت انتظام ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کين مبارڪون ڏنيون جن دستاويزات ۽ ٻين انتظامن کي هتمي شڪل ڏيڻ ۾ دل و جان سان ڪم ڪيو.