اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جو سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چ??و ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ادارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چ??و ته سعودي وفد جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئ?? آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چ??و ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ?? ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان جي وچ ۾ اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ طئ?? ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.