اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان مفا??مت?? يا??داشتن تي صحيحون ڪيون آهن. اربع ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب حڪومت پاڪستان طرفان سامونڊي معاملن وارو وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ پائيدار انفرا اسٽرڪچر پراجيڪٽ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري جي حوالي سان مفا??مت?? يا??داشتن تي صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف ڊينمارڪ جي صنعت، ڪاروبار ۽ مالياتي معاملن واري وز??ر طرفان صحيح ٿيل ايم او يو پيش ڪيو. ان مفا??مت?? يا??داشت کانپوءِ مارسڪ (ڊينمارڪ جي شپنگ ڪمپني) پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ اٽڪل 2 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر لاءِ ايتري وڏي سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. مفا??مت?? يا??داشتن جي ان تقريب ۾ ناڻي وارو وز??ر محمد اورنگزيب، واپار وارو وز??ر ڄام ڪمال خان، رٿابندي وارو وز??ر احسن اقبال، صنعت ۽ واپار وارو وز??ر راڻا تنوير حسين، توانائي وارو وز??ر اويس لغاري، ڊائريڪٽر جنرل ايس آءِ ايف سي ميجر جنرل اسد الرحمان به موجود هئا. ان موقعي تي وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ چيو ته اسان ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ان شاندار اڳڀرائي تي ڊينمارڪ جي حڪومت جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن و??يڪ چيو ته ان يا??داشت جي نتيجي ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت سمورن بندرگاهن ۾ لاجسٽڪ جي نظام کي جامع ڪري سگهي ٿي. ڪراچي ۾ گَهري پاڻي جو ڪنٽينر ٽرمينل قائم ڪري سگهجي ٿو. عالمي بحري تنظيم ۽ يورپي يونين جي معيار موجب گڏاڻي ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جون سهولتون بهتر بڻائي سگهجن ٿيوون. پاڪستان ميري اڪيڊمي جي نصاب ۽ ٻين شين ۾ جدت آڻڻ سان گڏوگڏ بندرگاهن کي مسلسل فني ۽ تربيتي مدد فراهم ڪندي. وفاقي وز??ر قيصر احمد شيخ پاڪستان جي شپنگ انڊسٽري ۾ مارسڪ ڪمپني جي اهميت تي به روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪنٽينرائزڊ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ مارسڪ وٽ سڀ کان و??يڪ (20 سيڪڙو) مارڪيٽ شيئرز آهن. ان کانسواءِ ان ڪمپني جو عالمي مارڪيٽ ۾ سرمايو اٽڪل 175 بلين ڊينش ڪرون آهي. هن و??يڪ چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ڊينمارڪ جي حڪومت ان مفا??مت?? يا??داشت لاءِ گذريل 6 مهينن کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لنلف به ان اڳڀرائي تي پاڪستان حڪومت ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وز??ر جو ٿورو مڃيو. ٻنهي ڌرين سامونڊي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو.