اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا هونديون آه??، آئيني معاملا آئيني عدالتن ۾ ويندا آه?? ته جيئن عام شهرين کي انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه اچي ۽ انهن جا ڪيسز جلد پنهنجي منطقي ا??جا?? تائين پهچي سگهن. صحافين سان ڳا??ها??يندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان وسيع تر مشاورت جو سلسلو جاري آه??، سمورين سياسي پارٽين نه رڳو پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي پر اها ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته ان حوالي سان پارليامينٽ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مخالف ڌر ۽ حڪومتي ??ارٽين پارليامينٽج ي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر انهن ترميمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي. هن چيو ته قانون واري وزير جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آه??، هن انهن ترميمن جي حوالي سان سمورين پارٽين کي انگيج ڪيو ۽ آئيني ترميمن جي مسودي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسپين، جرمني، اٽلي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا آه?? ۽ آئيني عدالتن جي اندر آئيني معاملا ويندا آه?? ته جيئن ٻين ڪيسن ۾ عام شهرين جا ڪيسز وقت سر اڪلائي سگهجن ۽ انهن کي انصاف ملي سگهي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آه?? جتي 9 مئي جي ڪيسز جو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل جا ڪيسز ڪجهه مهينن ۾ اڪلايا ويا، جن ماڻهن به هلڙبازي ڪئي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ حملو ڪيو اهي سمورا ماڻهو پنهنجي ڪردار ڪردار تائين پهتا. هن چيو ته ڪهڙو سبب آه?? جو هتي 9 مئي جي ڏوهارين جي ڪيسز تي اڃا تائين فيصلا ??ه ٿي سگهيا آه??. هن چيو ته آئيني ترميمن جو مقصد رڳو ايترو آه?? ته آئيني عدالتون جدا ڪيون وڃن ته جيئن آئيني معاملا جدا ٻڌي سگهجن ۽ ٻين عدالتن ۾ پاڪستان جي شهرين جي ڪيسز جو وقت سر فيصلو ٿي سگهي، عدليه ۾ هزارين ڪيسز التوا جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته قانون واري وزير جيڪو مسودو تيار ڪيو ان تي ??ي ٽي آءِ سياست ڪئي ۽ چيو ويو ته اسان جي ليڊر کي ٻاهر ڪڍو پوءِ آئيني ترميمن تي ڳالهه ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته ڪو اين آر او ملڻ نه وڃي رهيو آه??، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته آئيني ترميمن تي انصاف جي فراهمي کي آسان بڻائڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي بهتر شڪل ڏيڻ تي اهي پنهنجي ڊيمانڊ کڻي ايندا ته اسان جي ليڊر کي ڇڏيو، ته انهن جي اين آر او ملڻ جي خواهش پوري ??ه ٿيندي. اها انهن جي پراڻي خواهش آه??، پنهنجي ان خواهش کي بارگيننگ جي لاءِ استعمال نه ڪن. هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان مشاورت جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان سان پڻ ڳالهه ٻولهه جاري آه??. وفاقي وزير چيو ته قانون واري وفاقي وزير جيڪو مسودو تيار ڪيو ان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اهو مسودو قانون واري وزير جي ٽيم تيار ڪيو، قانون واري وزارت ۾ ليگل ٽيم ۽ ڊرافٽس مين موجود هوندا آه??، قانون واري وزير جيڪا به هدايت جاري ڪئي ان موجب مسودي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو رهيو، اهو مسودو پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ سميت ٻين سياسي پارٽين وٽ موجود هو، انهي لاءِ ان جي سمورين شقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿي رهي آه??. هن چيو ته آئيني ترميم هڪ جامع دستاويز آه?? جنهن ۾ ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، انصاف جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ انصاف جي وقت سر فراهمي جي لاءِ شقون موجود آه??. هن چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ به آئيني عدالت تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي هئي، وڪيل برادري پاران به ان تي بيان اچي چڪا آه??، ان تي ??ڌيڪ مشاورت ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪري ان کي اڳتي ??ڌڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان ابهام ۽ قياس آرائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪجهه اين آر او گهري رهيا آه??، اهو ملڪي سالميت ۽ آئين جو معاملو آه??، اسان جي درخواست آه?? ته ان تي ??ياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ان تي اڳتي ??ڌي رهيا آه??ون، سياسي پارٽين مشاورت سان اپ ڊيٽيڊ مسودو تيار ڪيو آه??، ان تي ??شاورت ٿي رهي آه?? ۽ اهو معاملو جلد پنهنجي منطقي ا??جا?? تائين پهچندو. وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن جي مسودي جي تياري ۾ ٻين ملڪن کي پڻ ڏٺو ويو آه?? جتي آئيني عدالتون موجود آه?? اتي عدليه جو نظام بهتر آه??، انهن ملڪن ۾ شهرين کي جلد انصاف جي فراهمي ملي ٿي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان معاملي تي ??ڌيڪ اتفاق راءِ پيدا ٿيندو.