اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي پرڏ??هي معاملن واري مملڪتي وزير احمد بن علي الصيغ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو هن وقت برطانيا جي دوري تي آهي. پرڏ??هي آفيس موجب هن او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن سان گڏوگڏ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ش??بي ۾ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??ائ?? وزيراعظم 13 سالن جي وقفي کانپوءِ ايندڙ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪ – يو اي اي گڏيل وزارتي ڪميشن جو 12 هون اجلاس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي.