اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ??نڪ?? پاڪس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل فلائٽس ذريعي ??يندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پارا?? ڌيان ڇِڪرا??و نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن ??نڪ?? پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرنيشنل فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، هاڻ تائين 5 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آ??سو??يشن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس سامهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آ??سو??يشن ۾ مو??ليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ هن وقت اسان ??نڪ?? پاڪس کان محفوظ آهيون.