ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران بلوچستان ۾ جاري ??رقياتي منصوبن، امن امان ۽ سماجي ترقي جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??ائ?? وزيراعظم امن امان جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن صوبي جي وفاقي ترقياتي منصوبن جا فن??ز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سنجيده آهيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي بلوچستان جي ترقي سان لڳاءُ ۽ عوام سان محبت آهي، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوبي جي ترقي جي پختي عزم تي ??ائ?? وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري ??هي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ترتيبوار بهتري ??رف وٺي وڃي رهيا آهيون، صوبائي ڊيولپمينٽ پروگرام کي عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري ??هيا آهيون ۽ صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي منصوبا بجيٽ جو حصو بڻايا ويا آهن باقي 25 سيڪڙو منصوبن تي به تيزي سان اڳڀرائي جاري ??هي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليوري ??ي نظام جي بهتري ??ي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي عمل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل فن??ز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اسان وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وفاقي ترقياتي منصوبن جا فن??ز وقت سر جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي.