اسلام ??با?? – 02 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خلاف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٺه??اء?? آڻڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻين پارلياماني معاملن جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سميت ڊاڪٽر طارق ??ضل چوڌري، بئريسٽر گوهر علي خان، خواجا اظهارالحسن، مير خالد مگسي، مولانا عبدالغفور حيدري، مل?? محمد عامر ڊوگر، زرتاج گل، سيد نويد قمر، مير اعجاز حسين جکراڻي، منزه حسن، بلال اظهر ڪياني ۽ سيد حميد الدين شرڪت ڪئي.