اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪس??ان ڊائمنڊ جوبلي تمغه 2022ع جي نالي سان نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظو??ي ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري اعزاز ايڪٽ 1975ع تحت ڏ??ي آهي. پاڪس??ان ڊائمنڊ جوبلي تمغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي پاڪس??ان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ?? اندروني ۽ ٻاهرئين طور تي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. اهو تمغو پاڪس??ان قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگسٽ 2022ع کان نافذ العمل هوندو.