اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سا?? ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪ??مت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ??ڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پري?? ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر آصف سيد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄاڻ جي منتقلي جي لاءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پي??ا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوسائٽي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چيو ته حڪ??مت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ??ڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سوسائٽي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ا??ا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوسائٽي جي ڪردار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.