اسلام آباد- 24 ??ڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چي?? آهي، ته ماحولياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊال??ن جو نقصان ٿيو، ڪيترائي ضلعا ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا، تيزي سان ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن واٽر ويڪ 2022ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تباهڪارين کي منهن ڏئي رهي?? آهي، گليشئر ڦاٽي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ ۽ هيٽ وويو کي به منهن ڏئي رهي?? آهي، هي سڀئي تبديليون پاڪستان کي شديد متاثر ڪ??ي رهيون آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ماحولياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊال??ن جو نقصان ٿيو. ڪيترائي ضلع ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته تيزي سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي، موسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهي?? آهي، سانوڻي ۾ موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد ۾ شدت آئي. هن چيو ته ٻوڏ سبب هڪ ملين کان چوپايو مال مري ويو، زرعي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو جنهن سبب فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيو، ڪلائميٽ سمارٽ اگريڪلچر جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ دنيا جو وسيع ترين ايريگيشن سسٽم آهي، زرعي پيداوار جو دارومدار پاڻي تي آهي، پاڻي، فوڊ ۽ ايڪوسسٽم لاءِ پاڪستان حڪومت نيشنل واٽر پاليسي جي منظوري ڏني، واٽر ريسورسز سيڪٽر لاءِ اسان پي ايس ڊي پي جو 12 سيڪڙو رکيو. هن چيو ته 2 ميگا ڊيم ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع ڪيو وي?? آهي. نون ڊيمن جي سٽوريج گنجائش بهتر هوندي ۽ جيڪا پاڻي جي کوٽ ٿي آهي اها پهرين واري سطح تي اچي ويندي، انرجي سيڪيورٽي لاءِ حڪومت ماحول ??وست هائيڊرو پاور منصوبا لڳائي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انويسٽر فرينڊلي پاليسيون پروموٽ ڪيون پيون وڃن. واٽر ڪنزرويشن لاءِ بلوچستان ۾ 100 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن، بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب انهن ننڍن ڊيمن کي نقصان پهت?? آهي.