اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٿائيلينڊ ۾ 23 ننڍي ع??ر جي ٻارن سميت ٽي درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان کان وڌيڪ ڀيانڪ فعل نه ٿو ٿي سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٿائيلينڊ ۾ 23 ٻارن سميت 3 درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل تي کيس ش??يد صدمو پهتو آهي، ان ظلم جي مذمت لاءِ وٽس لفظ نه آهن. هن چيو ته اسان سوڳوار والدين ۽ ٿائيلينڊ جي ع??ام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.