اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪهڙي طرح احتساب جي نظام ک?? ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي انتقام تي ٻڌل احتساب جي عمل سان ملڪ ۾ جمهوريت جي ارتقا ۾ خ??ل وڌو ويو. هن چيو ته اهو انتقامي عمل سياسي عدم استحڪام جو سبب بڻيو جن??ن سياست کي شديد ??قصان پهچايو آهي.