اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سبب ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ وسيع ??الي وسيلن جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد ڪن. هن سالياني پري جنرل اسيمبلي پريس ڪانفرنس دوران ??اڪستان جي سرڪاري خابرو ايجنسي اي پي پي جي نمائندي طرفان ??ڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو موسمياتي بحران تي عالمي سطح تي ناڪافي قدمن جو ثبوت آهي. مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان سان ??ڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جو اندازو لڳائڻ ناقابل تصور آهي جيڪو هن پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقا منهنجي ملڪ پرتگال جي ڪل ايراضي کان به ٽيڻ تي وڌيڪ آهن. هن چيو ته گڏيل قومون پاڪستان جي مدد لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهن پر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ وسيع ??الي وسيلن جي ضرورت آهي، جيڪي وڏي ٽاسڪ لاءِ تمام ضروري آهن ۽ ان سلسلي ۾ امير ملڪ هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته ماحولياتي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم ناڪافي ۽ غير منصفاڻا آهن ۽ هي هڪ دوکو آهي، هن چيو ته چاهي پاڪستان ??جي، آفريقه، سم??ڊ، ننڍا ٻيٽ يا گهٽ ترقي يافته ملڪ، دنيا جي انتهائي ڪمزور ملڪ ماحولياتي بحران ??يدا ڪرڻ جو سبب نه آهن پر اهي ملڪ ڪاربن اخراج جو سبب بڻجندڙ وڏن ملڪن جي خوفناڪ قيمت چڪائي رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل دنيا جي امير ملڪن جي سربراهن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو ماحولياتي بحران سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ??ا ذميدار آهن ۽ اهو ئي نه رڪارڊ ڏڪار، ٻيلن ۾ باهه ۽ ٻوڏ، ماحولياتي تبديلي جا وسيع ??ئماني تي اثر پيا آهن.هن زور ڀريو ته سم??رن ملڪن کي هر سال ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود رکڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن زور ڀريو ته سم??را ملڪ هن وقت گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻين، ڇو ته دنيا اڄ ٻوڏ کان ??حفوظ نه ٿيندي ته اسان جو سڀاڻي به محفوظ نه هوندو.