اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪس??ان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ و??يراعظم شهباز شريف ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪس??ان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تراني جي اجراءَ جو سڀاڻي 14 آگسٽ تي افتتاح ڪندو. پاڪس??ان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪس??ان حڪومت جي ڪميٽي قومي تراني جي تياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تراني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي لکيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪيو ويو. پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگسٽ 2017ع ۾ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان مقصد جي لاءِ سمورين قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع تي اطلاعات وا??ي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان اها قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز ش??ڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قومي تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪس??ان جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپن جو پيغام ڏنو ويو آهي.