حيدرآباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي ??هار آهي جڏهن ته نوجوان ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آهي، ڏينهن جي ??رو??ات فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي ??رقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. آزادي جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي حيدرآباد ۾ پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقريب صبح 7 لڳي 45 منٽن تي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غف??ر سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيسر، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن آزادي جي ??لسلي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو ??رو?? ٿي ويو آهي.