اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين عمرا?? نيازي ديانتداري، شفافيت ۽ احتساب جي نالي تي عوام کي گمراهه ڪندو رهيو، فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي سندس اهو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ان کي منطقي انجام تائي پهچائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته عمرا?? نيازي جي اصل حقيقت ڇا آهي، اصل ۾ هو هڪ مڪار ماڻهو آهي. هن چيو ته 8 س??لن کان ??مرا?? نيازي ان ڪيس جي فيصلي ۾ دير جي لاءِ سمورا حربا اختيار ڪيا، ان ??لسلي ۾ هن 9 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون، جڏهن 50 ڀيرا التوا گهريو ويو. هن چيو ته عمرا?? نيازي پنهنجي رضامندي سان ڄاڻي واڻي غلط حلفيه بيان ??مع ڪرايو. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ بنا ڪنهن شڪ جي غيرملڪي فنڊڊ پارٽي آهي.