سيالڪوٽ – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مير عمر فاروق مائر چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آزادي جي خلاف هوندو. هن اها ڳالهه اي پي پي سان ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. مير عمر فاروق مائر چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستان?? عوام ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي قانوني حيثيت ۾ تبديلي کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن سان مظلوم ڪش??يرين جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اسان ڀارت جي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق ۽ انهن جي آزادي جي خلاف هوندو. هن چيو ته ڪش??ير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ۽ پاڪستان?? عوام پنهنجي ڪش??يري ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي آزادي حاصل ڪرڻ تائين انهن سان گڏ بيٺل آهي.