اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، شسپر گئليشئر واقعي جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم، پاڻي جي بچاءُ، موجوده آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. پاڻي جي بچت لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو وڃي. چولستان ۾ انساني وستين ۽ جانورن لاءِ پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب هن اها هدايت پنهنجي صدارت هيٺ تازي گرمي جي شديد لهر (هيٽ ويو) ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي هنگامي اجلا?? ۾ ??ئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، شيري رحمان، احسان الرحمان مزاري، طارق بشير چيما، مريم اورنگزيب، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيولنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وزيرا??ظم جي هدايت تي موسمياتي تبديلي تي فوري طور تي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. ٽاسڪ فورس ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير، سيڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽريز، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شامل آهن. وزيرا??ظم جي هدايت تي ٽاسڪ فورس ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، شسپر گئليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم، پاڻي جي بچاءُ، موجوده آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي فوري عملدرآمد لاءِ قدم کڻي. ٽاسڪ فورس اڄ سومر جي شام تي ئي پنهنجو پهريون اجلاس منعقد ڪري ۽ ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪري. اجلاس کي تازي گرمي جي شديد لهر جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گرمي جي شديد لهر جو وڏو سبب موسمياتي تبديلي آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ پنجين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جي خطر جي ور چڙهيل ملڪ آهي. ان کانسواءِ پاڪستان کي گليشئر جا وڏا ذخيرا هجڻ جي باوجود پاڻي جي کوٽ جو به خطرو درپيش آهي. انهن سڀني جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي پوندو آهي، وزيرا??ظم هنگامي بنيادن تي ان حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي،. وزيرا??ظم چيو ته پاڻي جي بچاءُ لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو وڃي، وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته مينهن جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ لاءِ به آئنده سانوڻي کان پهرين فوري قدم يقيني بڻايا وڃن، وزيرا??ظم کي چولستان ۾ به پاڻي جي کوٽ تي بريفنگ ڏني وئي، وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته چولستان ۾ انسان وستين ۽ جانورن جي لاءِ پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا چولستان ۾ تازي گرمي جي شديد لهر ۾ فوري امدادي سرگرمين کي يقيني بڻائي، وزيرا??ظم اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي فوري هنزه جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنزه ۾ شسپر گئليشر واقعي ۾ تباهه ٿي منهدم پل کي فوري طور تي تعمير ڪيو وڃي، وزيرا??ظم جي پل جي تعمير تي اڳڀرائي جي حوالي سان ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم تعليم واري وزارت کي سرڪاري اسڪولن ۾ تازي گرمي جي شديد لهر کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ نجي اسڪولن کي ان تي عملدرآمد لاءِ حڪم جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيرا??ظم جي صحت واري وزارت کي فوري طور تي ڪووڊ – 19 جي نئين سب ويرئينٽ جي حوالي سان تحقيق ۽ ان جي ممڪنه اثرن تي به تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا.