اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چيو آه?? ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊن جي تيارين جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آه?? ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آه?? جنهن جي آئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آه?? جيڪا ان کي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آه??، چونڊن لاءِ تڪبنديون هڪ بنيادي قدم آه??، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) تحت آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آه??، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذريعي هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندين جي اجازت ڏني وئي جنهن جي بنياد تي 2018ع جي عام چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آه?? ته 25 هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آه?? جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آه?? جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آه?? ان جي ڪري نيون تڪ بنديون لازمي آه?? تنهن هوندي به ايئن ان وقت تائين ممڪن نه آه?? جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آه?? ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ڊجيٽل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آه??، اليڪشن ڪميشن کي هن وقت تائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آه??، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي انعقاد لاءِ پرعزم آه?? تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آه??، اليڪشن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آه??.