اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي سيٽن تان پي ٽي آءِ جي ميمبر?? جي مستعفي ٿيڻ ۽ وزارت عظميٰ جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوا?? جي چونڊ?? جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته قوم جي سامهون ٻه رستا آهن هڪ خودداري ۽ ٻيو غلامي جو رستو آهي، عمران خان مون کي اهو اعزاز بخشيو ته آئون پي ٽي اءِ پاران وزيراعظم جو اميدوار ٿيان. سمورن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جن مون سان تعا??ن ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ نئين پارٽي آهي پر مختلف مرحلا طئي ڪندي ان کي هڪ نظرياتي فڪر رکندڙ پارٽي جو اعزاز به حاصل ٿيو آهي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هن ايوان ج??ن ڪيتريون ئي معزز پارٽي??ن ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن پر انهن ۾ ڪو نظرياتي قدر هڪجهڙا نه آهن، اڄ حڪومتي بينچن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست به ويٺل آهن، ٽي سال 8 مهينن تائين اهي ميمبر سنڌ ۾ پ پ جي خلاف مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندا رهيا، اڄ اهي ڪهڙي ڀلائي جي اميد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي ساٿين سان ماضي ۾ به ڪجهه معاهدا ڪيا ويا جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته عمران خا?? جيڪو فيصلو ڪيو اهو ذوالفقار علي ڀٽو جي ان سو?? جي عڪاسي ڪري ٿي ته طاقت ??و سرچشمو عوام آهي، ڪالهه رات پوري قوم عمران خا?? جي ڪال تي لبيڪ چيو آهي، اڄ ڪوئي کٽي هارائيندو ۽ ڪوئي هارائي به کٽي ويندو، عمران مقدر جو سڪندر آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان قوم کي خودداري ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جو درس ڏنو آهي، عمران خان صحت ڪارڊ ڏنو، هن وقت ??سا?? جي معيشت پنج سيڪڙو جي شرح ترقي ڪري رهي آهي، عمران قومي زبان، لباس کي اجاگر ڪيو، جڏهن هندستان پلوامه کانپوءِ حملو ڪيو ته اسا?? جي پارٽي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، عمران خان احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙين ماڻهن کي جيئن جو حق ڏنو، عمران خان پاڪستا?? جي ماڻهن کي غلامي کان آزادي جو تصور ڏنو، هن چيو ته شهباز شريف سان قوم جو مينڊيٽ نه آهي، اهي عارضي اتحاد آهي جيڪو وکري ويندو، بلاول ڀٽو جنهن پراڻي پاڪستا?? جي نويد ٻڌائي رهيو آهي ان ۾ پاڪستان جو ٻار ٻار قرضي آهي، اهي ماڻهو پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ ڇڏي ويا، اڄ ملڪ جي هر اداري ۾ ڪرپشن پاڙ پڪي ڪري رهي آهي، اڄ خدمتون فراهم ڪندڙ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چيو ته تحريڪ انصاف فوج جي قربانين کي سلام پيش ڪري، ٻاهرين مداخلت ٿي آهي جنهن جو اعتراف ني??نل سيڪيورٽي ڪائونسل ڪري رهي آهي، اڄ ان پراسيس ۾ شامل ٿيڻ ان عمل کي جائز قرار ڏيندو ان لاءِ اليڪش?? جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، پارٽي جي اجتماعي فيصلي کي سامهون رکندي اڄ مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.