اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر ??ان بي اعتمادي جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اه?? 2028ع تائين اٿي نه سگهندا، تحريڪ انصاف پريڊ ايوينيو ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ميڊيا ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر ??ان بي اعتمادي رٿ جي ووٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان کانپوءِ اه?? 2028ع تائين بيهي به نه سگهندا، ا??هن جي سين ۾ فل اسٽاپ اچي چڪو آهي، ا??ي فلاپ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اها فتح قوم جي فتح هوندي، قوم جڏهن جاڳندي آهي تڏهن فتح حاصل ٿيندي آهي، ا??ا قوم جاڳي وئي آهي، هن چيو ته ا??ان مخالف ڌر سميت ڪنهن کي به برو ڀلو نه چونداسين، هنن چيو ته جيڪي ا??ان جي لاءِ ڪيو ا??ان انهن جا ٿورائتا آهيون، ا??هن جي لاءِ بهترين لفظ ۽ بهترين زبان استعمال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ ٽريپ جي اندر اچي وئي آهي،ا??ان هڪ جلسو رکيو هو، هنن به هڪ جلسو رکي ڇڏيو آهي، مخالف ڌر اچي جلسا ڪري، ڪو به غير قانوني ڪم کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ قانون حرڪت ۾ ايندو.مخالف ڌر کي جلسو ڪرڻ گهرجي قوم جي سامهون واضح ٿي ويندو ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، حڪومت جو پريڊ ايوينيو ۾ جلسو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هوندو جنهن ۾ نوجوانن، بزرگن، عورتن جو وڏو تعداد شرڪت ڪندو.